اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن 5 ۽ 6 فيبروري جي وچين رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد سربراهه ايوب الله عرف منصور سميت ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويلن دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو به برآمد ٿيو، دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري، بي ڏوهه شهرين جي اغوا ۽ ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.