عورت مداح گلوڪار کان آٽوگراف جي بهاني شادي جي سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪرائي ڇڏي

جڪتارتا (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ گلوڪار لوئس ٽاملنسن جي مداحن هن کان آٽوگراف جي بهاني شادي جي سرڪاري سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪرائي ڇڏي ۽ تصوير سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماضي جي مشهور ترين برطانوي ميوزڪ بينڊ ون ڊائريڪشن جي ميمبر لوئس ٽاملنسن بي ڌياني ۾ شادي جي سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب گلوڪار هن وقت انڊونيشيا ۾ پنهنجي ڪانسرٽس ۾ مصروف آهي، جتي هو ماڻهن کي آٽو گراف ڏئي رهيو هو ته هڪ عورت هن کان شادي جي سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪرائي ورتي.
اها ڳالهه ان وقت خبر پئي جڏهن عورت گھر وڃي ان سرٽيفڪيٽ جي تصوير ٽڪ ٽاڪ تي اپلوڊ ڪري دعويٰ ڪئي ته هن ۽ لوئس شادي ڪئي آهي.
عورت مداح ٽڪ ٽاڪ تي ٻڌايو ته هوءَ ان ڪانسرٽ ۾ سنگل عورت طور وئي هئي پر هاڻي هوءَ اتان شادي ڪري موٽي آئي آهي ۽ سندس نڪاح ٿي چڪو آهي.
رپورٽ موجب ان سرٽيفڪيٽ جي قانوني اعبار سان ڪا به اهميت نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.