4 ڏينهن جو بُکايل شخص ٻِلي کائي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ بُک وگھي ٻلي کائيندڙ نوجوان کي پاگل خانگي منتقل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو افسوسناڪ واقعو ڪيرالا جي شهر ڪٽي پورم جي بس اسٽيڊ وٽ پيش آيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مقامي ماڻهن بس اڏي تي آيل نوجوان کي ٿيلهي ۾ ڪجهه آڻيندي ۽ پوءِ کائيندي ڏٺو، کاڌي جي بوءِ سبب ڀرسان موجود ماڻهو ڳڻتي ۾ وٺجي ويا جنهن کان پوءِ هڪ دڪاندار ان نوجوان جي ٿيلهي چيڪ ڪئي ته خبر پئي ته هو ٻلي کائي رهيو هو جنهن کان پوءِ ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان کان ان عمل جو سبب پڇيو جنهن تي نوجوان پوليس ٻڌايو ته هو 4 ڏينهن کان بُکايل هو.
پوليس موجب نوجوان چنئي کان ڪوزي ڪوڊ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ملڻ آيل هو، نوجوان کي ڊاڪٽرن جي هدايت تي پاگل خاني منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.