”عورتون ٻي شادي ڪن ته محبت جي شادي ڪن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان جُگن ڪاظم چيو آهي ته آئون طلاق يافتا عورت کي ارينج ميرج جو مشورو نه ڏيندي آهيان.
اداڪارا جگن ڪاظم جو پنهنجي تازو انٽرويو ۾ چوڻ هو ته ائون طلاق جي تڪليف مان گذري آهيان اُهو شيشي جو اهڙو ٽٽل ٽڪرو آهي جنهن ڀلي اوهان ڪيڏو به ڳنڍي ڇڏيو ان جو ڏار سڄي زندگي رهندو آهي، جڏهن ڪا طلاق يافتا عورت جي شادي جي ڳالهه ٿيندي آهي ۽ خاص طور تي جڏهن ان کي ٻار به هجي ته تمام گھڻي ڏکيائي ٿيندي آهي، عورت جي طلاق کان پوءِ ماڻهو سندس همدردي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن پر جڏهن منهنجي طلاق ٿي ته ان وقت آئون پاڻ کي گھڻي واضح انداز سمجهائي ڇڏيو هو ته آئون جوان آهيان ۽ مون کي ٻار به آهي جنهن سان آئون تمام گھڻو محبت ڪريان ٿي پر ان دوران جيڪڏهن مون لاءِ ڪوڪ سٺو رشتو آيو ته آئون ضروري غور ڪنديس.
اداڪارا چيو ته گذريل وقت ۾ چيو ويو شادي شدهه رشتو نڀائڻ لاءِ جان لڳائي ڇڏيو پر پنهنجي شادي هلايو، ۽ والدين به ان معاملي ۾ ڇوڪري کي سختي سان سمجهائيندا هئا پر هاڻي والدين ٻارن کي سولو رستو ڏين ٿا، طلاق سولو رستو بڻجي وئي آهي، هاڻي چيو وڃي ٿو ته ڪوشش ڪريو پر جيڪڏهن نه هلي ته پاسو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.