پ پ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) پ پ طرفان اين اي 209 تان اميدوار شازيا مري چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي بوءِ اچي رهي آهي.
سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيا مري چيو ته نواز شريف ووٽ کي عزت ڏيڻ بدران نوٽ کي عزت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.
هن چيو ته مريم نواز اسان جي منشور ۽ بلاول جي تقرير جي ڪاپي ڪندي آهي، نواز شريف اڳ به لاڏلو بڻجي آيو هو، هاڻ به اچڻ چاهي ٿو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز شريف ڪهڙي بنياد تي وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف چونڊ مهم ۾ ڪٿي به نظر نه آيو ۽ چئي رهيو آهي ته وزيراعظم بڻجندو، وٽس ڪهڙي جادوئي لٺ آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.