ٽيلينار برفاني علائقن ۾ پهچي وئي: موبائيل فون اسٽيشن قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيلي نار نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. مشهور موبائيل ڪمپني دنيا جي ٿڌي کنڊ تائين پهچي وئي.

ٽيلي نار انٽارڪٽيڪا ۾ پهرين موبائل فون اسٽيشن قائم ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ٽرڪ برف سان ڍڪيل جبلن ۾ موبائيل فون اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وڊيو ۾ ڪارڪنن کي موبائل فون اسٽيشن جي انسٽاليشن ۾ مصروف ڏيکاريو ويو آهي. ٽيلي نار دنيا جي ٿڌي علائقي ۾ موبائل فون اسٽيشن قائم ڪندڙ پهرين ڪمپني بڻجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.