اداڪارا جوهي چاولا جو عامر خان بابت دلچسپ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جوهي چاولا انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيري عامر خان سندس سالگرهه هن کي سستو تحفو ڏنو.
تازو ئي جوهي چاولا ڀارتي ڊانس ريئلٽي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن بالي جي شاندار ۽ ڪامياب ڪيريئر بابت ڳالهايو.
ان قسط ۾ جوهي چاولا پنهنجي بالي ووڊ ڪيريئر بابت انڪشاف ڪيا ۽ ڪجهه دلچسپ قصا ٻڌايا.
شو دوران جوهي چاولا کان سوال ڪيو ويو ته هن کي مشهور شخصيتن مان سڀ کان سستو تحفو ڪنهن ڏنو هو جنهن تي جوهي چاولا چيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته آئون ان جو نالو ٻڌايان؟
جوهي جواب ڏيندي انڪشاف ڪيو ته اُهو عامر خان هو.
اداڪارا ٻڌايو ته اِهو اُهو وقت جڏهن اسان نوان نوان مشهور ٿيا هئاسين، منهنجي سالگرهه جي ڏينهن شام جو عامر خان فون ڪري چيو ته هو منهنجي گھر ايندو، هو مون کي سالگرهه جون واڌايون ڏيڻ منهنجي گھر آيو.
اداڪارا ٻڌايو ته منهنجا سڀ گھرڀاتي تمام گھڻو پرجوش هئا، عامر خان ويهي مون لاءِ ننڍو چاڪليٽ ڪڍيو ۽ چيو ته هي تنهنجو تحفو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.