انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڏو حڪم اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ بنا وقفي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جاري رکڻ جو منع نامو برقرار رکيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سڄي ملڪ ۾ هر هر انٽرنيٽ سروس جي بندش ۽ وقفي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت انٽرنيٽ سروس جي بندش ۽ وقفي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
چيف جسٽس چيو اسان جي انٽرنيٽ ناهي هلندي ته ٻئي هنڌ ڇا هوندو، لڳي ٿو ته چونڊن کانپوءِ صورتحال ٺيڪ ٿي ويندي.
پوءِ عدالت پي ٽي اي جي وڪيل جي عدم حاضري تي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بنا وقفي بحال رکڻ بابت منع نامي جو حڪم برقرار رکيو.
عدالت موبائل فون سروس به بنا وقفي جاري رکڻ جو حڪم برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.