يوٽيوب ۾ دلچسپ فيچر جو اضافو

يوٽيوب ۾ نئين دلچسپ فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جيڪو اهان جي وڊيو فيڊ کي مخصوص رنگن سان ڀري ڇڏيندو.

آر جي بي (RGB) نالي فيڊ ۾ مخصوص رنگن تي ٻڌل وڊيوز نظر اينديون.

رپورٽ موجب يوٽيوب پاران ريڊ، گرين ۽ بلو ٿيمز جي آزمائش محدود واهپيدارن ۾ ڪئي پئي وڃي.

ان فيچر تحت انهن رنگن جا مختلف شيڊز (Shades) وڊيو فيڊ ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا.

جڏهن واهپيدر ريڊ، گرين يا بلو مان ڪنهن به رنگ جي چونڊ ڪندو ته ته يوٽيبو هوم پيج تي انهن مخصوص رنگن جون وڊيوز نمايان ٿينديون.

رپورٽ موجب جن ماڻهن کي اهو فيچر دستياب آهي، انهن جي آڏو يوٽيوب پاران هڪ پوپ اپ ميسيج موڪليو ويو جنهن تي لکيل هو Craving something new، جڏهن ته هيٺ ٽئي رنگ موجود هوندا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو نئون فيچر هوم فيڊ کي رنگ موجب ارينج ڪندو ۽ ان سان ماڻهو پنهنجي ترجيح موجب وڊيوز ڳولي سگھندا.

پر ان کان هٽي ڪري فيچر جو ٻيو ڪهڙو فائدو هوندو، في الحال ان بابت واضح ناهي ڪيو ويو ڇو جو ڪمپني ان بابت وڌيڪ ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو.

پر اهو واضح آهي ته جڏهن ڪو واهپيدار ڳاڙهي رنگ جي چونڊ ڪندو ته ان بابت وڊيوز ۾ نارنگي ۽ ڦڪو رنگ به ظاهر ٿيندو.

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته اڃ ان فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي تنهنڪري اهو واضح ناهي ته ڪيستائين اهو سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.