ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ مضبوط ڪينگروز اسڪواڊ جو اعلان

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا ) نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ مچل اسٽارڪ، پئٽ ڪمنز، ٽريوس هيڊ ۽ اسٽيو سمٿ جي واپسي ٿي آهي.
چئني ڪرڪيٽرن کي ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ آرام ڏنو ويو هو.


ان کانسواءِ مچل مارچ کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته ٽِم ڊيوڊ، ڊيوڊ وارنر، ايڊم زمپا، گلين ميڪسويل، ميٿيو ويڊ ۽ مارڪس اسٽوئنس به اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ميچون21، 23 ۽ 25 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.