سنڌ پريميئر ليگ ۾ شامل ڪرڪيٽرن ۽ عملي کي رهتون نه مليون؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ پريميئر ليگ ۾ شامل رانديگرن ۽ انتظاميا کي اڃا تائين اعلانيل رقم جي ادائيگي ناهي ڪئي وئي.
مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته سنڌ پريميئر ليگ ( ايس پي ايل ) جي پهرين ايڊيشن ۾ شامل رانديگرن ۽ ٽيم عملي کي رهتون ادا ناهن ڪيون ويون.
ذريعن موجب، پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود انهن رانديگرن ۾ شامل آهي جن کي اڃا تائين رقم ادا ناهي ڪئي وئي جڏهن ته گذريل ڏينهن فائنل کيڏڻ واري ٽيم جي هڪ رانديگر رقم ادا نه ڪرڻ تي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ان کانسواءِ رهتون ادا نه ڪرڻ تي صهيب مقصود جي سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪئي هئي پر بعد هن پنهنجي پوسٽ ڊلييٽ ڪري ڇڏي هئي.
سنڌ پريميئر ليگ جي پهرين ايڊيشن جو فائنل گذريل ڏينهن ميرپور خاص ۽ حيدرآباد بهادرز وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ ميرپور خاص ٽائيگرز ڪاميابي ماڻي پهريون ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو. ميگا ايونٽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي سميت ڪيئي ناميارن پاڪستاني ڪرڪيٽرن حصو ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.