عاطف اسلم جي بالي ووڊ ۾ واپسي واري خبر هندو انتهاپسندن کي چيڙائي ڇڏيو!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) هندو انتها پسند تنظيم عاطف اسلم جي بالي ووڊ ۾ واپسي وارين خبرن تي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هندو انتها پسند تنظيم مهارشٽر نونريمان سئنا جي اڳواڻ راج ٺاڪري ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هندي سئنما ۾ پاڪستاني فنڪارن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته بالي ووڊ جا جيڪي فلمساز عاطف اسلم کي ٻيهر بالي ووڊ ۾ آڻڻ ۽ سندس لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن کين سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
هندو انتها پسند تنظيم جي هڪ ٻئي اڳواڻ زهر اوڳاڇيندي چيو ته بالي ووڊ ۾ پاڪستاني فنڪارن کي آڻڻ وارن کي سندن اوقات ڏيکارڻ ضروري آهي، چئلينج ڪيان ٿو ڪو به پروڊيوسر، هدايتڪار پاڪستاني فنڪارن کي پروجيڪٽ ۾ کڻڻ جي غلطي نه ڪري.
ان کانسواءِ هندو انتها پسند تنظيم عاطف اسلم جي حمايت تي بالي ووڊ جي مشهور راڳي ارجيت سنگهه کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بالي ووڊ جي هڪ فلمساز پنهنجي نئين فلم جو گيت عاطف اسلم کان ڳارائڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته عاطف اسلم ست ورهين کانپوءِ بالي ووڊ ۾ واپسي خوشي جي خبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.