آسٽريليا ٽين ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي تاريخي شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بالن جي حساب سان سڀ کان وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
ڪينبرا ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز جي ٽين ۽ آخري ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم 25 هين اوور ۾ 86 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
ويسٽ انڊيز طرفان ايلڪ ايٿنيز 32، ڪيسي ڪارٽي 10 جڏهن ته روسٽن چيز 12 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ڪينگروز طرفان زيويربار ٽليٽ چار شڪار ڪيا.
آسٽريلوي ٽيم 87 رنسن جو حدف 6 ڏهائي 5 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، اهڙي ريت ڪينگروز ويسٽ انڊيز خلاف 259 بال بچائيندي ون ڊي ۾ سڀ کان وڏي فتح حاصل ڪري ورتي.
زيويربار ٽليٽ کي شاندار ڪاڪردگي تي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.