روهت شرما جي چاهيندڙن لاءِ بُري خبر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي آيل ) فرنچائز ممبئي انڊينز ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ هادرڪ پانڊيا ۾ ڪپتاني واري تڪرار کڙو ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ کان اڳ نئون بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ پي ايل فرنچائز ممبئي انڊينز روهت شرما کي ڪپتاني جي عهدي تان هٽائي آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا کي قيادت سونپڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ڀارتي ڪپتان جي فينز فرنچائز جي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ممبئي انڊينز جي ڪوچ مارڪ بائوچر چيو ته روهت شرما کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو فيصلو فرنچائز جو هو، هو چاهن ٿا ته مٿس ذميوارين جو بار گهٽايو وڃي ته جيئن سندس انفرادي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي.
هاردڪ پانڊيا گذريل ٻن سيزنز دوران گجرات ٽائيٽنز جي ڪپتاني ڪندي پنهنجي ٽيم کي فائنل ۾ پهچايو هو.
ٻئي پاسي روهت شرما جي گهرواري رتيڪا سوشل ميڊيا تي هڪ تبصرو پوسٽ ڪيو، جنهن ۾ هن فرنچائز جي فيصلي تي دٻيل لفظن ۾ تنقيد ڪندي چيو ته ان ۾ کوڙ شيون غلط آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.