ملير ۾ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي جا چٽا امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ ان يلسلي ۾ ڪراچي جي ضلعي ملير جي تڪ اين اي 229 ۽ پي ايس 84 ۾ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهن.

هن تڪ ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن جن جي مقبوليت ۾ واڌ ٿي آهي.

تازو پيپلزپارٽي اميدوارن گڏاپ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ سميت بنيادي سهولتن کي بهتر ڪري رهي آهي، اسڪول، اسپتالون، پارڪ ۽ روڊ رستا ٺهرايا پيا وڃن جڏهن ته پيپلزپارٽي جا عوام کي روزگار ۽ ٻيا امدادي پيڪيج ڏيڻ جا منصوبا آهن.

جلسن ۾ وڏي انگ ۾ پيپلزپارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. جلسي کي سردار قادر بخش گبول پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته مخالفن جا اميدوار پ پ جي مقبوليت ڏسي وائڙا ٿي ويا آهن.

پ پ اڳواڻن چيو ته ٻين پارٽين جي اميدوارن وٽ ڪو سياسي تجربو ناهي جڏهن ته پ پ عوامي پارٽي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ بلاول وزيراعظم ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.