پيءَ کي نٿي سڃاڻان: صاحبه جو وڏو انڪشاف

ماضي جي ناليواري اداڪارا صاحبه انڪشاف ڪيو آهي ته مان نه ڪڏهن پنهنجي سڳي پيءَ کي ڏٺو آهي، نه ان سان ڪڏهن ملاقات ٿي آهي.
سوشل ميڊيا تي اداڪارا صاحبه جو انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي، جيڪو هن اداڪار ساجد حسن کي ڏنو هو، ان انٽرويو ۾ هن پنهنجي سڳي ۽ ويڳي پيءَ جي حوالي سان حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا هئا.
صاحبه چيو ته مان ڪڏهن به پنهنجي سڳي پيءَ کي ناهي ڏٺو ۽ نه ڪڏهن ان سان ملاقات ٿي، ڇو ته پيدائش کان اڳ ئي والدين ڌار ٿي ويا هئا.
هن چيو ته پيدائش کانپوءِ به پيءَ ڪڏهن مون سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ان جي ڪري منهنجي دل ۾ ڪڏهن به ان لاءِ پيءَ وارا جذبا نه آيا.
سندس چوڻ هو ته منهنجو ننڍپڻ ناني جي گهر گذريو، ڇو ته ماءُ فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف هوندي هئي ۽ پيءَ ڇڏي ڏنو هو، تنهن ڪري مان پنهنجي ناناڻن سان ويجهي هيس.
صاحبه چيو مان جڏهن 10 ورهين جي ٿيس ته ماءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ ويڳي پيءَ آخري ساهه تائين مون کي پيار ڏنو، هن سڳي پيءَ کان وڌيڪ محبت ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.