نواب شاھ (پ ر) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد جي اسپورٽس سوسائٽي پاران يونيورسٽي جي شعبن وچ ۾ شروع ڪرايل ٽن ڏينهن وارو اسپورٽس فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو. راندين جي مقابلن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن حصو ورتو.
يونيورسٽي جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ فيسٽيول دوران بيڊ منٽن، رسو ڇڪڻ، ٽيبل ٽينس، 50 ميٽرن جي ريس ۽ ٻوري بند ريس جا مقابلا ڪرايا ويا.
فائنل مقابلن ۾ بيڊ منٽن جي راندين ۾ بزنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻين دلچسپ مقابلي ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شاگردياڻين کي مات ڏني.
ايڪانامڪس جي شاگردن جي ٽيم انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ٽيم کي ھارائي ڇڏيو جڏهن ته رسو ڇڪڻ واري راند ۾ جينيٽڪس شعبي جي شاگردياڻين انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شاگردياڻين کي ھارايو.
ايڪانامڪس جي شاگردن پڻ انفارميشن ٽيڪنالوجي کي شاگردن کي ھارائي ڇڏيو جڏهن ته ٽيبل ٽينس جي مقابلن ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شاگردياڻين ۽ شاگردن بزنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻين ۽ شاگردياڻين کي شڪست ڏني.
شاگردياڻين وچ ۾ 50 ميٽرن جي ريس ۾ پھرين پوزيشن مائيڪرو بائلاجي جي صبا مسڪان، ايڪانامڪس جي مزله ٻين ۽ سنڌي شعبي جي شمائلا ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
شاگردن وچ ۾ ٻوري بند ريس واري دلچسپ راند ۾ آرٽس اينڊ ڊزائين شعبي جي اسلم پھرين، ايڪانامڪس جي سراج ٻين ۽ مائيڪرو بائلاجي جي ساجد ٽين پوزيشن حاصل ڪئي۔
راندين جي پڄاڻي تي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي پروگرام جي آرگنائيزرن ڊاڪٽر ارمان خانزادہ ڊاڪٽر الطاف خاصخيلي، شاداب فاطمه، سھيل اسلم خاصخيلي، امجد حسين اعواڻ جي محنتن کي ساراهيندي چيو ته اسپورٽس سوسائيٽي هن فيسٽيول ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ته ٻڌل هڪ گلدستو ٺاهي اھو ثابت ڪيو آھي ته هتان جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون پنهنجي ٽيلنٽ کي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري اجاگر ڪرڻ جي قوت رکن ٿيون.
هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون امن جي پيامبرن جي روپ ۾ پنھنجو ھڪ نالو پيدا ڪندا.