تاج محل ۾ شاهه جهان جو عرس ڇو؟، معاملو عدالت ۾ پهچي ويو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي شهر آگرا ۾ دنيا اجي اٺين عجوبي تاج محل بابت عدالتن ۾ هندو شدت پسند جماعتن طرفان وقت به وقت درخواستون داخل ٿينديون رهيون آهن، هاڻ مغل حڪمران شاهه جهان جي ورسي تي سندس مزار تي ٿيندڙ سالياني عرس خلاف آگرا جي مقامي عدالت ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي جنهن کي عدالت ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي.
مقامي مسلمانن جو چوڻ آهي ته هو ڪيئي ورهين کان تاج محل ۾ شاهه جهان جو عرس ملهائي رهيا آهن ، پر پهريون ڀيرو ان خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويو آهي.
اِها درخواست هڪ هندو تنظيم ” اکل ڀارت هندو مها سڀا“ ( اي بي ايڇ ايم ) طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عرس تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ تاج محل جي اڱڻ ۾ مفت داخلا جي به مخالفت ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ويو آهي ته قديمي آثارن واري کاتي ۾ ايندڙ عمارت ۾ ڪنهن به قسم جي مذهبي تقريب غيرقانوني آهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عرس لاءِ حڪومت ۽ قديمي آثارن واري کاتي کان اجازت ناهي ورتي وئي، ان کانسواءِ عرس ڪرائيندڙ ڪميٽي جو تاج محل سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي.
اي بي ايڇ ايم جي ترجمان سنجي جاٽ دعويٰ ڪئي آهي ته قديمي آثارن واري کاتي کان عرس جي اجازت ناهي ورتي وئي، انڪري هندو تنظيم عدالت کان مطالبو ڪيو ته شاهه جهان عرس ڪميٽي کي عرس ملهائڻ کان روڪيووڃي.
ٻئي پاسي ڪميٽي جي چيئرمين سيد ابراهيم زيدي جو چوڻ آهي ته قديمي آثارن واري کاتي کان سالياني عرس جي اجازت ورتي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سيد ابراهيم ان دعويٰ جي ترديد ڪئي ته تاج محل ۾ عرس لاءِ ڪا به اجازت ناهي ورتي وئي، هن تاج محل جي تاريخي تسلسل تي زور ڏيندي چيو ته انگريزن جي دور ۾ ۽ آزاد ڀارت ۾ به عرس جي اجازت موجود آهي.
واضح رهي ته 1653 ۾ جڙي راس ٿيندڙ تاج محل ۾ عرس قديمي آثارن واري کاتي جي نگراني هيٺ ٿيندو رهيو آهي، هلندڙ سال عرس 6 کان 8 فيبروري تي ٿيڻو آهي .
پرڏيهي خابرو اداري موجب، درخواست آگرا جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ جمعي جي ڏينهن اِن لسٽ ڪئي وئي ۽ سول جج اِها درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي، جنهن تي ٻڌڻي مارچ ۾ ٿيندي.
ياد رهي ته مختلف عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪري دعويٰ ڪئي وئي آهي تاج محل هڪ هندو مندر آهي، ان سلسلي ۾ هڪ درخواست آگرا جي مقامي عدالت ۾ التوا هيٺ آهي جڏهن ته هڪ درخواست الهه آباد هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.