موقعو ڏيو، 5 سالن ۾ ڪراچي جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي وارا 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي موقعو ڏين، مان 5 سالن ۾ شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس.
بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ ڪراچي ۾ موجود رهيو ۽ ريلي جي صورت ۾ مختلف علائقن ۾ ويو، جتي هن عوام کي خطاب ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جو عوام منهنجي نمائندن کي ڪامياب ڪندو ته مڪاني کانپوءِ صوبائي حڪومت به اسان جي هٿ ۾ هوندي، توهان جي ووٽ سان وفاقي حڪومت به اسان جي هٿ ۾ هوندي.
هن چيو توهان 8 فيبروري تي مون کي ڪامياب ڪرايو ته 5 سالن ۾ ڪراچي جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس، اسان وفاق ۾ به پنهنجي حڪومت ٺاهي ڪراچي ۾ تاريخ ڪم ڪنداسين ۽ شهر جي اهڙي نمائندگي ٿيندي، جهڙو ان جو حق آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ ڪراچي کي ان جو حق ڏنو ويندو ۽ اسان گڏجي شهر جي خدمت ڪنداسين، جيالا شهرين کي سمجهائين ته اهي نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪندڙن کي ووٽ نه ڏين، ڪو مذهب ۽ ڪو لسانيت جي بنياد تي شهرين کي ورهائڻ چاهي ٿو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي جواب ڏئي ته انهن کي نفرت ۽ تشدد جي سياست قبول ناهي، منهنجي ماءُ جي پيدائش ڪراچي ۾ ٿي، هي شهر منهنجي گهر جيان آهي ۽ ڪراچي جي خدمت جو مطلب گهر جي خدمت ڪرڻ آهي، مان پنهنجي گهر جي ڀرپور طريقي سان خدمت ڪندس ۽ پنهنجي نمائندن کي پابند ڪندس ته اهي توهان سان ڏک سک ۾ گڏ هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.