5 آگسٽ 2019 کانپوءِ ڀارت جي وحشياڻين ڪارروائين ۾ 857 ڪشميري شهيد

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019 جي غير قانوني قدمن کانپوءِ ڀارتي فوج هٿان 857 ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن.
ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب ڪشميري شهيدن ۾ 17 عورتون ۽ 28 ننڍي عمر جا ڇوڪرا به شامل آهن.
رپورٽ موجب ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري نوجوانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير کي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪشميرين جو ملڪيتون ضبط ڪرڻ ڀارتي حڪومت جو معمول بڻجي چڪو آهي، ڪشميرين کي جبري طور سرڪاري نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ صحافت تي پابندي ۽ صحافين جي گرفتارين جو سلسلو به جاري آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت جون وحشياڻيون ڪارروائيون عالمي برادري لاءِ سنگين چئلينج آهن.
واضح رهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 ۾ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.