پاڪستاني نوجوانن جي اڪثريت ڀارت سان سٺن لاڳاپن جي خواهشمند : سروي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي خابرو اداري جي تازي سروي موجب 69 سيڪڙو پاڪستاني نوجوان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهن، ڪجهه ماهر چون ٿا ته پاڪستان ئي ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، پر اِهو ڏسڻو پوندو ته اِهي ڪهڙي شرطن تي ٿين ٿا.
وائيس آف آمريڪا طرفان بين القوامي اداري اپسوس ذريعي ڪرايل سروي ۾ 18 کان 34 ورهين جي نوجوانن حصو ورتو ، سروي ۾ انهن کان اِهو به سوال ڪيو ويو ته ڇا هو سمجهن ٿا ته ڀارت سان گڏيل لاڳاپا سٺا هئڻ گهرجن؟ .
ان سوال جي جواب ۾ 69 سيڪڙو نوجوانن چيو ته هو ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهن ٿا جڏهن هر 5 مان 1 نوجوان چيو ته هو ائين نه ٿا چاهن.
ڀارت سان سٺن لاڳاپن جي خواهشمند نوجوانن جي سڀ کان وڌيڪ شرح (75 ) سيڪڙو رهي، بلوچستان ۾ 71 سيڪڙو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ اِها شرح 69 سيڪڙو رهي.
سروي جا نتيجا اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ تجارتي ۽ سفارتي رابطا محدود آهن، آگسٽ 2019ع ۾ ڀارت طرفان ڪشميري جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بگڙي ويا آهن.
ان ڏس ۾ دفاع بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين چوي ٿو ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت بڻجڻ سان نوجوانن ۾ اِها خود اعتمادي آئي آهي ته ڪا به ٻاهرين طاقت ملڪ کي نقصان نه ٿي پهچائي سگهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ 20 ورهين دوران ميڊيا جو انقلاب اچڻ سان به نوجوانن ۾ علائقائي سياست بابت شعور ۽ ڀارت بابت ناڪاري سوچ ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي.
مشاهد حسين موجب، ملڪ ۾ عام چونڊن کان اڳ ههڙي قسم جا سروي هڪ لحاظ کان پاڪستان جي ان پالسيي جي عڪاسي ڪن ٿا ته ڪنهن ملڪ سان دشمني جي بنياد تي هتي اليڪشن مهم ناهي هلائي ويندي.
بين القوامي مامرن تي نظر رکندڙ ظفر جسپال جو چوڻ آهي ته تمام اِهو پاڪستاني چاهن ٿا ته ڀارت سان سٺا لاڳاپا هجن، پر ڏسڻو اِهو پوندو ته لاڳاپن ۾ بهتري ڪهڙن شرطن تي اچي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني نوجوان ڪشمير تڪرار بابت به گهڻو حساس آهن ۽ سمجهن ٿا ته ان مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن پٽاندڙ ٿيڻ گهرجي، تنهنڪري هي اِهو معاملو آهي جتي اچي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اڳتي ناهن وڌي سگهندا.
جسپال موجب، نوجوان اِهو به سمجهن ٿا ته ڀارت سان ويڙهه جو ڪنهن به ملڪ کي ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ ان جو نتيجو ٻنهي پاسي تباهي جي صورت ۾ ئي نڪرندو.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته پاڪستاني نوجوان اِهو به سمجهن ٿا ته ڀارت هڪ وڏي مارڪيٽ آهي ۽ اتي سندن لاءِ ڪيئي موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا، اهڙي ريت ڀارت جي نوجوانن لاءِ پاڪستان به هڪ وڏي مارڪيٽ آهي انهن لاءِ به هتي انيڪ موقعا آهن.
هن چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت چونڊن دوران ڪڏهن ڀارت کي پنهنجو حدف ناهي بڻايو، جيتوڻيڪ ڀارت ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي.
ٻنهي ملڪن جي سياسي صورتحال تي گهري نظر رکندر تجزيي نگارن جو خيال آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ سٺن لاڳاپن جي خواهش سرحد جي ٻنهي پاسي موجود آهي، پر خطي جي معروضي سياسي حالتون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود غلط فهميون سٺن لاڳاپن جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجڻ ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.