بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان لاءِ ڄام ڪريم، يوسف بلوچ جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جو قافلو

گڏاپ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان لاءِ اين اي 229 ملير تي پ پ جي نامزد اميدوار ڄام عبدالڪريم جوکيو، پي ايس 84 ملير جي اميدوار محمد يوسف مرتضي بلوچ ۽ سردار قادر بخش گبول جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جو قافلو نڪتو.
سوين گاڏين جو قافلو گڏاپ کان سپر هاءِ وي، ميمڻ ڳوٺ، رزاق آباد کان ٿيندو دائود چورنگي پهتو.
ان موقعي تي ڄام عبدالڪريم ۽ محمد يوسف مرتضي بلوچ چيو ته ريلي کي ڏسي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پ پ 8 فيبروري تي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ ملڪ جو وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.
هنن چيو ته اسان جي ريلي ڏسي مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون آهن، عوام کي اپيل آهي ته 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري.
ان موقعي تي قادر بخش گبول، انور بلوچ، الله بخش بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.