ويرات ڪوهلي ڀارتي ٽيم ۾ ڇو ناهي؟ اي بي ڊيويليئرز وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي انگلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تان هٿ کڻڻ کانپوءِ ڪيئي افواهه گردش ڪري رهيا آهن، ڪنهن چوڻ آهي ته ڪوهلي جي ماءُ جي طبعيت ٺيڪ نه آهي ته وري ڪنهن جو چوڻ آهي ته سندس گهرواري انوشڪا شرما جي ڳورهاري آهي.
پر ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف نه کيڏڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ان حوالي سان اهم خبر انڪشاف سامهون آيو آهي.
ويرات ڪوهلي جي گهاٽي دوست ۽ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز ان راز تان پردو کنيو آهي.
اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز پنهنجي يوٽيوب چئنل تي چيو ته ويرات ڪوهلي جي گهرواري انوشڪا شرما گورهاري آهي ۽ سندن گهر جلد ٻئي ٻار جي آمد ٿيڻ واري آهي انڪري هو پنهنجي فيملي سان وقت گذاري رهيو آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ اي بي ڊيويليئرز آءِ پي ايل ۾ رائل چئلينجر بئنگلور لاءِ گڏ کيڏي چڪا آهن.
ياد رهي ته ويرات ڪوهلي ان کان اڳ گذريل سال ڏکڻ آفريڪا جو دورو به اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀارت واپس موٽي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.