آمريڪي سياستدان الهان عمر پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ آواز اٿاريندي پاڪستان ۾ عام چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ الهان عمر چيو ته جڏهن کان مان ۽ منهنجي ساٿين گذريل نومبر ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن.
هن پاڪستان تحريڪ انصاف جو نالو کڻڻ بنا پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته جڏهن اپوزيشن جي هڪ جماعت کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هجي ته آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن.
Since my colleagues and I raised our concerns about human rights in Pakistan last November, things have only gotten worse. There can’t be free and fair elections when one of the opposition parties has been criminalized.https://t.co/ZG8giXTjVM
— Ilhan Omar (@IlhanMN) February 4, 2024
واضح رهي ته الهان عمر گذريل سال اسلام آباد جي دوري تي آئي هئي، جيڪو نئين حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي قانون ساز جو پهريون پاڪستاني دورو هو پر ان دوران هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي، جنهن تي ڪيترائي سوال اٿيا هئا.
اها ملاقات ان ڪري به تڪرار ٿيو، ڇو ته عمران خان پنهنجي برطرفي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو هو.
اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ان ملاقات بابت ٻڌايو هو ته آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا ۽ لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.