مکيون رات جو ۽ مڇر ڏينهن جو ڪاڏي گم ٿي ويندا آهن؟

ڏينهن ۽ رات جو انسان کي سڀ کان وڌيڪ جيڪا تڪليف ٿيندي آهي، اها مڇرن ۽ مکين جي ڪري ٿي سگهي ٿي.
عام طور تي مکيون ڏينهن جو ۽ مڇر رات جو انسان کي پريشان ڪندا آهن.
مڇر کان تنگ انسان جي ته اهڙي حالت ٿي ويندي آهي جو ان جو وس هلي ته ان کي ماري ڇڏي.
پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته مڇر ڏينهن جو ۽ مکيون رات جو نظر ڇو ناهن اينديون ۽ جيڪڏهن اينديون آهن ته ان حد تائين فعال نظر ڇو ناهن اينديون؟
مڇر انسان جو رت چوسيندا آهن، جنهن جي مادي رات جي وقت ئي شڪار ڪندي آهي ۽ انساني رت رڳو بُک جي خاتمي لاءِ نه پر بيضن جي تخليق لاءِ به استعمال ڪندي آهي.
ماهرن موجب ڏينهن جو گرمي پد مڇرن لاءِ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اهي رات جو اچي حملو ڪندا آهن.
هوڏانهن ڏينهن جو انسان کي ڪاوڙ ڏياريندڙ ۽ ان کي تنگ ڪندڙ مک وري رات جو گم ٿي ويندي آهي ۽ نظر ئي ناهي ايندي.
اهو ان ڪري ٿيندو آهي، ڇو ته مکين کي پولارائيزڊ لائٽ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن سان اهي ڏسي سگهنديون آهن، اها پولارائيزڊ لائٽ ڏينهن جو مکين کي چرپر ۾ مدد فراهم ڪندي آهي، جڏهن ته رات جي وقت ناهي هوندي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رات جو گرمي پد مکين کي سست ڪري ڇڏيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪا مک رات جو نظر به اچي ته اها سست هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.