ڀارت پهرين ميچ ۾ ناڪامي بعد پٽڙي تي اچي ويو، ٻي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 106 تان شڪست

وشاڪاپٽنم(ويب ڊيسڪ) پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڀارت انگلينڊ کي 106 رنسن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
وشاڪاپٽنم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت جي 399 رنسن جي حدف جي جواب ۾ سموري انگلش ٽيم 292 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ طرفان زيڪ ڪرائولي 73 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو ٻين رانديگرن ۾ بين فوڪس ۽ ٽام هارٽلي 36، 36 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي جسپريت بمرا ۽ روي چندرن ايشون 3،3 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون.
انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 253 رنسن ٺاهيون جڏهن ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 396 ۽ ٻي اننگز ۾ 255 رنسون ٺاهيون هيون.
ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار بالنگ تي جسپريت بمرا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.