نواب شاهه: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي طرفان ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) ”ڪشميري مقصد لاءِ عظيم تر تفهيم“ جي عنوان سان ڪشميرين سان ظلم ۽ بربريت خلاف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي استادن، شاگردن ۽ انتظاميا طرفان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ يونيوسٽي جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ بينرز کڻي شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير ۾ ظلم بند ڪيو، ڪشمير کي آزادي ڏيو ۽ الله اڪبر جا نعرا هنيا ۽ ڪشمير جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل دعا گهري وئي.
ريلي جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙ ڪشمير ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي ابن ڏاڏن جي قربانين سان وجود ۾ آيو ۽ اڄ ڪشمير ۾ هلندڙ تحريڪون ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بڻائينديون.
هنن چيو ته هر پاڪستاني ڪشميرين سان هن ڏکئي گهڙي ۾ گڏ آهي، اسان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي مذمت ڪيون ٿا، عالمي قوتون ۽ انساني حقن جا ادارا ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت جو نوٽيس وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.