اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي آ ته پاسپورٽ رينڪنگ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي سٺي ناهي رهيپر هاڻ به 48 ملڪ اهڙا آهن، جتي پاڪستاني سفارتڪار ۽ ٻيون سرڪاري شخصيتون بنا ويزا جي وڃي سگهن ٿيون.
ويزا بنا هڪ کان 3 مهينا ترسڻ جي اجازت سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن کانسواءِ انهن جي فيملين لاءِ به هوندي.
پرڏيهي وزارت هڪ تازي بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ان ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽس تي ويزا جي خاتمي جي ايگريمينٽ تي صحيحون ڪيون آهن.
12 ڊسمبر 2023 کانپوءِ پاڪستاني پاسپورٽ تي بنا ويزا جي 48 ملڪن جو سفر ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي سان پرڏيهي وزارت جو هڪ دستاويز ناليواري صحافي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شيئر ڪيو آهي.
هينلي اينڊ پارٽنرز پاسپورٽ انڊيڪس ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جو درجو 101 آهي، جڏهن ته ڀارت ان رينڪنگ ۾ 80هين پوزيشن تي آهي، عام پاڪستانين لاءِ ڪيترن ئي آفريقي ملڪن ۽ ڪجهه ٻين خطن جي ملڪن لاءِ ايئرپورٽ تي ويزا جي سهولت موجود آهي.
ڪيترائي پٺ تي پيل ملڪ بنا ويزا سفر جي سهولت ان ڪري ڏيندا آهن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو دورا ڪن ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملي.
Visa-Free entries!👇 pic.twitter.com/pvYE2PaeXb
— Zahid Gishkori (@ZahidGishkori) February 4, 2024