گريمي ايوارڊز، مشهور موسيقار ذاڪر حسين ۽ شنڪر مهاديون تاريخ رقم ڪري ڇڏي

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ ) موسيقيءَ جي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ” گريمي “ جي ڪامياب فنڪارن جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ آچر جي ڏينهن 66 هين گريمي تقريب ٿي گذري.
آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ هڪ ڀيرو وري ” البم آف دي ايئر “ جو گريمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، کيس البم ” مڊنائٽس “ تي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
ٽيلر سوئفٽ اڪيلي فنڪارا آهي جنهن پنهنجي ڪيريئر ۾ چوٿون ڀيرو گريمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي.
ان کان اڳ هن پنهنجي المبز فيئر ليس، 1989 ۽ فوڪ لور تي البم آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيو هو.
ان کانسواءِ ڳائني بلي آئلش کي فلم باربي لاءِ سندس گيت ” واٽ واز آءِ ميڊفار “ کي سال جي بهترين گيت جو ايوارڊ ڏنو ويو.
ڳائڻي مائلي سائرس کي سندس گيت ” فلاورز “ لاءِ رڪارڊ آف دي ايئر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، مائلي کي ساڳي ئي گيت تي بيسٽ پاپ سولو پرفارمنس جو ايوارڊ به ڏنو ويو، هن پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو گريمي ايوارڊ ماڻيو آهي.
ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ کي البم آف دي ايئر کانسواءِ سندس البم مڊ نائٽس تي بهترين پاپ ووڪل البم جو ايوارڊ به ڏنو ويو آهي.
گريمي 2024ع ۾ ” بيسٽ آف نيو آرٽسٽ “ جو ايوارڊ آمريڪي ڳائڻي وڪٽوريا موني جي نالي رهيو.
مشهور ڀارتي موسيقار ۽ گلوڪار شنڪر مهاديون جي گروپ ” شڪتي “ جي البم ” دس موومينٽ “ کي بيسٽ گلوبل ميوزڪ ايوارڊ ڏنو ويو، شنڪر مهاديون جي ڪيريئر جو اِهو پهريون گريمي ايوارڊ آهي.
ڀارتي موسيقار ذاڪر حسين به ان گروپ جو حصو آهي جنهن کي تقريب ۾ بيسٽ گلوبل ميوزڪ پرفارمنس ۽ ”بيسٽ انسٽرومنٽل البم“ جا گريمي ايوارڊ مليا.
هلندڙ سال گريمي تقريب ۾ عورت فنڪارائن نمايان رهيون جن ڪيئي وڏا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا.
ياد رهي ته ڪامياب فنڪارن جو فيصلو رڪارڊنگ اڪيڊمي جي اٽڪل يارنهن هزار ميمبرن ڪيو جن کي ماضيءَ ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن جي حمايت نه ڪرڻ تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.