نسيم شاهه جي مداحن لاءِ سٺي خبر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪلهي جي انجري مان مڪمل صحتيابي کانپوءِ بالنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ مقامي ليگ ميچ دوران نسيم شاهه ڪلهي جي انجري مان مڪمل صحتيابي کانپوءِ تيز بالنگ ڪرائيندي نظر اچي رهيو آهي.


ليگ ميچ دوران نسيم شاهه جو بال اڳ جيان سوئنگ ٿي رهي آهي جڏهن ته هو هڪ اوور ۾ ٻه وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
نسيم شاهه انسٽاگرام تي پنهنجي بالنگ جي وڊيو شيئر ڪندي واپسي تي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته نسيم شاهه سپٽيمبر ۾ ايشيا ڪپ 2023ع دوران ڀارت خلاف ميچ ۾ زخمي ٿي پيو هو، جنهن کانپوءِ کيس ڀارت ۾ شيڊيول عالمي ڪپ اسڪواڊ مان به ڊراپ ڪيو ويو هو.
پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن کان اڳ فاسٽ بالر مڪمل صحتياب ٿي چڪو آهي ۽ هو ايونٽ ۾ پنهنجي ڀاءَ حنين شاهه سان گڏ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.