سنڌ ۾ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان هيوي بائيڪ ريلي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ پاران هيوي بائيڪ ريلي ڪڍي وئي.

هيوي بائيڪ ريلي جي شروعات قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار کان ٿي، ريلي ۾ مختلف قسمن جون هيوي بائيڪ هلائيندڙن شرڪت ڪئي.

ريلي جو مقصد سنڌ ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ آهي.

هن تقريب جي موقعي تي ڪراچي جي اسپيشل ٻارن به شرڪت ڪئي ۽ لطف اندوز ٿيا.

ريلي ڪراچي مان ٿيندي ڀنڀور فورٽ، ٺٽي، بدين، نئون ڪوٽ، مٺي کان ٿيندي ننگر پارڪر ۽ رامپور ڊيم تائين جاري رهندي.

هن وقت ٿر آف روڊ بائيڪ ريلي پنهنجي مقرر رستن تان ٿيندي ٺٽي پهچي چڪي آهي.

چيف گيسٽ ارشد ولي محمد جو ان موقعي تي چوڻ هو ته هن قسم جا ايونٽس ماحول دوست هوندا آهن جن سان اسان جي نوجوان نسل تي سٺو اثر پوندو آهي، پاڪستان جي نوجوانن کي هن قسم جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گهرجي.

خاص مهمان بائيڪرز گروپس ۽ ايونٽ کي اسپانسر ڪندڙن، خاص طور تي سنڌ ڊيولپمينٽ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ، ڊي ايڇ اي سٽي، وائيٽل ٽي، تاج پيٽروليم ۽ ٿر فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.