ايس پي ايل سنڌي ڪرڪيٽرن جو اعتماد بحال ڪيو آهي: مصباح الحق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ حيدرآباد بهادرز جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته عالمي ڪپ کان پهرين رانديگرن کي ليگز لاءِ اين او سي نه ڏيڻ کپي ها.
ڪراچي ۾ سنڌ پريميئر ليگ دوران پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق جو چوڻ هوته ليگ جي پاليسي پيپر ٺاهڻ بندران حالتن کي نظر ۾ رکي اين او سي ڏني وڃي، جيڪڏهن وڏو ايونٽ ناهي ته اجازت ڏني وڃي، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پليئر ٻه مهينا واندو ويٺو هجي ۽ کيس ليگ کيڏن جي اجازت نه ملي.
هن چيو هتي هڪ سيريز جي ڪارڪردگي جي بنياد تي رانديگر کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو آهي، اِهو درست طريقو نه آهي، اڄ غير ملڪي ڪوچ ته ڇڏيو مقامي ڪوچ به ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهن.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پي سي بي ٽيڪنيڪل ڪميٽي تيستائين هئي جيستائين ڊائريڪٽر نه هو، هاڻي ٽيڪنيڪل ڪميٽي فعال ناهي.
مصباح الحق چيو ته سنڌ پريميئر ليگ ( ايس پي ايل ) ۾ سنڌي نوجوان رانديگرن جو هجڻ ڏاڍو ڪارائتو آهي، اهڙي قسم جا ايونٽ نوجوان رانديگرن جي اعتماد ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن، ٽاپ پليئرز سان گڏ کيڏڻ وقت گذارڻ سان نوجوانن کي فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.