بگ باس جي اداڪارا جو دوست تي جنسي زيادتي جو الزام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ريئيلِٽي شو ب باس جي اڳوڻي اميدوار فنڪارا پنهنجي دوست تي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
پوليس موجب ڄاڻايل اداڪارا جو نالو اڃا ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، هن پنهنجي دوست تي نئين دهلي جي هڪ فليٽ ۾ گھرائي جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ ان حوالي سان پوليس کي شڪايت ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب مبينا زيادتي جو واقعو 2023ع ۾ ديولي روڊ تي فليٽ ۾ پيش آيو جڏهن ته اداڪارا ڪيس هاڻي داخل ڪرايو آهي.
هڪ سينيئر پوليس آفيسر تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان هڪ شخص جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي پر ان ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.
پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.
رپورٽن موجب اداڪارا بگ باس سان ئي مشهور ٿي هوءَ ممبئي ۾ ماڊلنگ به ڪندي آهي، ان کانسواءِ هوءَ ڪجهه ٽي وي سيريلز ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
پوليس موجب شڪايت جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اداڪارا کي پنهنجي رهائشگاهه تي دعوت ڏني جتي هن کيس کائڻ پيئڻ جي آڇ ڪئي، اداڪارا الزام لڳايو ته جوابدارن کيس ڪو شربت پياريو جنهن بعد هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ پوءِ هن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.