عمران خان ۽ بشري بي بي جو نڪاح غير شرعي قرار، ٻنهي کي 7، 7 سال قيد جي سزا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت عدت ۾ نڪاح واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي ، ست ست سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
اڊيالا جيل ۾ جمعي واري ڏينهن جي ڊگهي ٻڌڻي کانپوءِ سينيئر سول جج قدرت الله ڪيس جو محفوظ فيصلو پڙهي ٻڌايو.
عدالت، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح غير شرعي قرار ڏيندي مٿن پنج پنج لک رُپيا ڏنڊ پڻ هنيو.
واضح رهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت ۾ نڪاح بابت ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا، سندس ملازمت لطيف، مفتي سعيد ۽ نڪاح جي شاهد عون چوڌري سميت ٻين شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.