نوَ مئي سانحو، پي ٽي آءِ قيادت جي چوڻ تي رياست تي حملو ڪيو ويو: رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گهرو کاتي نوَ مئي سانحي جي تفصيلي رپورٽ حڪومت کي جمع ڪرائي ڇڏي.
پنجاب حڪومت جي لا اينڊ آرڊر بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي نوَ مئي سانحي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ رپورٽ کي باظابطا طور سرڪاري دستاويزن جو حصو بڻايوويو آهي، رپورٽ 17 صفحن تي ٻڌل آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نوَ مئي وارو حملو رياست خلاف جنگ هئي، نوَ مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي ڪارڪنن رياست تي حملو ڪيو، حملو پاپندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طلبان پاڪستان جي طرز تي ڪيو ويو .
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ثبوتن موجب 9 مئي وارو منصوبو اڳوائٽ ئي تيار هو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي چوڻ تي رياستي ادارن تي حملو ڪيو ويو، قيادت جي ايجنڊا رڳو رياستي ادارن تي حملو هو.
رپورٽ جي متن موجب، فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي پهريان ئي ٿي چڪي هئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ايڇ ڪيو بلڊنگ، ڪور هيڊڪوارٽر، آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملو ڪيو، ائيربيس، شهيدن جي يادگار ۽ ٻين عمارتن تي حملو ڪيو ويو، جي ايڇ ڪيو، آءِ ايس آءِ جي آفيس ۽ انسٽالييشن تي حملو پلان جو حصو هو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت نوَ مئي جي ذميواري آهي، 9 مئي سانحي ۾ مرڪزي قيادت سان گڏوگڏ مقامي قيادت شامل هئي، پارٽي قيادت فون ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي ورغلايو.
رپورٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي ورغلائي رهيا هئا.
رپورٽ ۾ حماد اظهر، ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، غلام محي الدين، علي عباس، عندليب عباس، ميان محمود الرشيد، عمر سرفراز چيما، مراد راس، منصب اعواڻ، اعظم خان نيازي ۽ بجاش نيازي جا نالا شامل آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جناح هائوس تي حملو ڪري هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ رُپين جو نقصان پهچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.