ڪرياني جي دڪانن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ايپ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ڪروڙين ڪرياني جي دڪانن ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ واپاري دوست موبائيل ايپ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ڪرياني جي دڪانن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ منظور ڪيل واپاري دوست ايپ ماهوار ٽيڪس ادا ڪرڻ جو پاڻمرادو حساب لڳائيندي، اها ايپ رڪارڊ رکندي ۽ دڪاندار کي ٽيڪس جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪندي.
ايپ جي ذريعي دڪان کي سالياني مسواڙ جو 10 سيڪڙو تائين ٽيڪس لڳندو جڏهن ته اسڪيم جو اعلان ڪنهن به وقت ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻي پاسي آن لائين رٽيلرز کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.