ايف آءِ اي دهشتگردي ٽوڙ ونگ عليما خان کي هڪ ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني باني عمران خان جي ڀيڻ عليما ايف آءِ اي جي نوٽيس باوجود پيش نه ٿي، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪالهه ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن ۾ عليما خان کي اڄ طلب ڪيو ويو هو پر هوءَ پيش نه ٿي.
ايف آءِ اي عليما خان کي ڇهه فيبروري تي طلب ڪندي اينٽي ٽيررازم ونگ ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته عليما خان تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي نفرت جوڳو مواد پکيڙڻ ۽ عوام ۽ فوج ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي سازش جهڙا الزام آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.