سياسي جماعتن کان چونڊ نشان واپس وٺڻ وارو اليڪشن ڪيمشن جو فيصلو درست قرار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ سياسي پارٽين کان چونڊ نشان واپس وٺڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو درست قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس شاهد بلال حسن سياسي جماعتن کان چونڊ نشان واپس وٺڻ واري اختيار خلاف درخواست خارج ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
18 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ عدالت قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 215 آئين سان ٽڪراءَ نه آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيوويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 14، 9، 17 سميت ٻين آرٽيڪلز جي روشني ۾ اِهو سيڪشن آئين سان ٽڪراءَ ناهي.
اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ شامل ڪيو ويو، درخواست ٻڌڻي جوڳي نه آهي.
فيصلي موجب، سياسي جماعتن کي آئين ۽ ايڪٽ جي پابندي ڪرڻ گهرجي، انٽرا پارٽي چونڊن بابت قانون اليڪشن ڪميشن 2017ع جي سيڪشن 209 ۽ 210 ۾ موجود آهي.
واضح رهي ته شهري ميان شبير اسماعيل طرفان سياسي پارٽين کان چونڊ نشان واپس وٺڻ جي اليڪشن ڪميشن واري اختيار خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.