تعليم حاصل ڪندو رهڻ حياتي وڌائي ٿو: تحقيق

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪو فرد جيتري وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو ويندو آهي ان جي حياتي اوتري ئي ڊگھي ٿيندي ويندي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب دي لانسيٽ پبلڪ هيلٿ رسالي ۾ ڇپيل عالمي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنهن شخص جي تعليم جي سطح جيتري وڌيڪ هوندي، ان جي جلد موت جو خطرو اوترو ئي گھٽ هوندو.
محققن دريافت ڪيو ته ڪنهن شخص جي جلد موت جو خطرو هر سال سراسري طور تي 2 سيڪڙو گھٽبو ويندو آهي جڏهن هو هر سال اضافي تعليم حاصل ڪندو آهي.
سولن لفظن ۾ چئي سگھجي ٿو ته جيڪي ماڻهو پرائمري اسڪول جي 6 سالن تائين وڌندي انهن ۾ جلد موت جو خطرو سراسري طور تي 13 سيڪڙو گھٽ هوندو آهي. سيڪنڊري اسڪول جي تعليم حاصل ڪندڙن ۾ اهو خطرو تقريب 25 سيڪڙو گھٽ هوندو آهي جڏهن ته ماسٽر ڊگري حاصل ڪرڻ سان اهو خطرو 34 سيڪڙو گھٽ هوندو آهي.
مطالعي جي شريڪ ليکڪ ۽ نارويجن يونيورسٽي آف سائنس ايند ٽيڪنالاجي جي ڊاڪٽر مرزا بالاج ٻڌايو ته ان جو سبب امڪاني طور تي اهو ٿي سگھي ٿو ته وڌيڪ تعليم ته بهتر روزگار، وڌيڪ آمدني، صحت جي سار سنڀال تائين بهتر پهچ ۽ صحت جو بهتر طريقي سان خيال رکڻ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.