17 ارب ڪرپشن ڪيس جو فيصلو محفوظ، ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف سترنهن ارب رُپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي احتساب عدالت جي روبرو سترنهن عرب رُپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ۽ ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل اويس جمال موقف اختيار ڪيو ته علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ريفرنس واپس نيب ڏانهن موڪلڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سترنهن ارب رُپين جي ڪرپشن ڪيس بابت ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻن واري درخواست فيصلو 15 فيبروري تي ٻڌايو ويندو جڏهن ته عدالت ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڊاڪٽر عاصم پندرنهن فيبروري کان ٽيهه مارچ تائين پرڏيهه وڃڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.
نيب موجب، جوابدارن تي گئس جي ٺيڪن جي مد ۾ قومي ناڻي کي 17 ارب رُپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي، جوابدرن خلاف نيب 2016ع ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.