ناشتو نه ڏيڻ تان پٽ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ پٽ نيرن نه ڏيڻ تي پنهنجي ماءُ کي مٿي ۾ لوهي راڊ هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو افسوس جوڳو واقعو ڪرناٽڪا جي ضلعي ملباگل ۾ پيش آيو.
پوليس کي ڏنل بيان ۾ جوابدار پٽ ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن هن ماءُ کان ناشتو گھريو جنهن تي سندس ماءُ ناشتو ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو هن کي چيو ته هو سندس پٽ نه آهي.
پٽ پوليس کي ٻڌايو ته ماءُ جي انڪار ڪرڻ تي هو ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ هن لوهي راڊ کڻي ماءُ کي مٿي ۾ وهائي ڪڍي جنهن سبب هوءَ فوت ٿي وئي.
ڀارتي پوليس موجب جوابدارن ماءُ کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ٿاڻي تي پهتو جتي هن پوليس اهلڪارن آڏو پنهنجي ماءُ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.