شراب پيئڻ کان روڪڻ تي مڙس زال کي باهه ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مڙس شراب پيئڻ کان روڪڻ تي زال کي باهه ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو نئين دهلي جي علائقي دوارڪا ڊبري ۾ پيش آيو جتي نشي جي عادي مڙس پنهنجي زال جو قاتل بڻجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب نريندر شراب جو عادي هو جنهن جي ڪري روز هن جي زال بنيتا سان جهيڙو ٿيندو رهندو هو.
پوليس ٻڌايو ته خميس جي ڏينهن ٻنهي جو جهيڙو ٿيو جنهن دوران نريندر ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي زال بنيتا مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب باهه لڳڻ تي بنيتا رڙيو ڪيون جنهن تي پاڙيسرين فوري طور تي پهتي بنيتا کي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب بنيتا جو جسم باهه لڳڻ سبب 20 سيڪڙو سڙي ويو آهي جنهن جو علاج جاري آهي جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪري هن خلاف قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.