زال مڙس جو جهيڙو ختم ڪرائڻ لاءِ آيل مڙس کي قتل ڪري هليو ويو

پرائي جهيڙي ۾ پوڻ ڪڏهن ڪڏهن مهانگو پئجي ويندو آهي. ڀارت جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو ۾ اهڙو ئي ڪجهه ٿيو آهي.
تام ناڊو جي علائقي پولاچي ۾ زال مڙس جو جهيڙو ختم ڪرائڻ جي ڪوشس ڪندڙ شخص لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي هن جي هٿان مڙس قتل ٿي ويو.
اهو واقعو اربع جي ڏينهن پيش آيو جتي 59 ورهين جي راڌا ڪرشن جو پنهنجي زال 48 ورهين جي سرسوتي سان جهيڙو ٿيو. اهو جهيڙو زمين جي وڪري بابت هو.
جڏهن جهيڙو گھڻو وڌي ويو ته 36 ورهين جي سِوا ڪمار ٻنهي کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. سِوا ڪمار راڌا ڪرشنن جي زمين ڀاڙي تي ورتي هئي ۽ اتي پولٽري فارم هلائيندو هو.
راڌا ڪرشنن مبينا طور تي ڏانداري سان سِوا ڪمار تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس هٿ تي زخم ٿيو. سِوا ڪمار ڏانداري کسي کيس ماري ڇڏيو.
سِوا ڪمار کي گرفتار ڪري قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.