ڊجيٽل ورڪرن لاءِ ڪئناڊا جا دَر کُلي ويا

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا فري لانس ڊجيٽل ورڪرن کي وزٽ ويزا تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان لا3 ڊجيٽل نوميڊ ويزا پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.
دي اميگريشن ريفيوجيز اينڊ سٽيزن شپ ڪئناڊا اعلان ڪيو آهي ته جيڪو پرڏيهي وزٽ ويزا تي ڪئناڊا اچي فري لانسر جي حيثيت سان ڪم ڪندو اُهو نوڪري ملڻ تي ورڪ پرمٽ لاءِ دروخواست ڏئي سگھي ٿو.
ڊجيٽل نوميڊ ورڪرن کي ڪئناڊا ۾ داخل ٿي 6 مهينن تائين فري لانسر جي حيثيت سان يا وري ڪنهن عالمي آجر لاءِ ڪم ڪرڻ جي رڳو وزٽ ويزا گھربل هوندي.
ڪئناڊا ۾ داخل ٿيندڙ ڊجيٽل ورڪرن لاءِ واڌو دستاويزن جو شرط به ختم ڪيو ويو اهي.
دجيٽل ورڪرن جا گھر ڀاتي ۽ ٻين مائٽن کي ڪئنادا اچڻ ۽ آباد ٿيڻ لاءِ باضابطا ورڪ پرمٽ يا مستقل رهائش جي حيثيت وٺڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.