معاشي انقلاب لاءِ بلاول کي وزيراعظم بڻائڻو پوندو: آصفه ڀٽو زرداري

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي انقلاب لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻو پوندو.
نوشهري فيروز ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي تير کي ووٽ ڏيو، ڪاميابي توهان جي ٿيندي، رڳو پ پ غريبن جي تڪليف کي سمجهي ٿي.
هن چيو ته سڄي ملڪ مان ماڻهو سنڌ ۾ علاج ڪرائڻ ايندا آهن، اسان واعدو ٿا ڪيون ته 300 يونٽ بجلي مفت ڏينداسين.
سندس چوڻ هو سڀ واعدو ڪيو ته 8 فيبروري تي ووٽ تيز کي ڏيندئو، معاشي انقلاب چاهيو ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻو پوندو.
آصفه ڀٽو زرداري چيو اسان کي موقعو مليو ته هاري ڪارڊ، يوٿ ڪارڊ جو منصوبو آڻينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.