285 سال پراڻو ليمو لکين روپين ۾ نيلام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ هڪ پراڻي الماري جي کاني مان مليل 285 سال پراڻي ليمي کي 1780 ڊالر (پاڪستان 4 لکن 92 هزار 897 روپين) ۾ نيلام ڪيو ويو.
برطانوي علائقي شروپشائر سان واسطو رکندڙ بريٽلز آڪشنيئرز (ڪنهن به شيءِ کي خريد ڪندڙ آن لائين ٻولي لڳائيندڙ ڪمپني) جو چوڻ آهي ته هڪ خاندان سندن نيلام گھر ۾ 19 هين صدي جي هڪ الماڙي آندي جنهن بابت سندن چوڻ هو ته هي سندن فوتي چاچي جو آهي.
جنهن وقت هڪ فوٽوگرافر ان ڪيبنيٽ جي وڪري لاءِ ان جي عڪسبندي ڪري رهيو هو ته ان جي پٽيا موجود هڪ کاني مان ليمو نڪتو.
دريافت ٿيل ليمي تي هڪ پيغام لکيل هو جنهن مان خبر پوي ٿي ته اهو 285 سال پراڻو آهي.
نيلام گھر ان پراڻي ليمي کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 1780ع ڊالرن جي ٻولي لڳڻ تي انتظاميا حيران ٿي وئي.
ٻي پاسي ڪيبنيٽ رڳو 40 ڊالرن ۾ وڪرو ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.