ڀارتي اداڪار ٿلاپتي پاران فلمي دنيا ڇڏڻ جو اعلان

چنئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار ٿلاپتي وجي پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ کان پوءِ سينيما ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٿلاپتي وجي اڄ 2 فيبروري تي پنهنجي سياسي پارٽي جي نالي جو اعلان ڪيو، سندس سياسي پارٽي جو نالو (Tamilaga Vettri Kazhagam)آهي، ان سان گڏ هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي حوالي سان به اعلان ڪيو جيڪو ٻڌي مداح حيران ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ٿلاپتي وجي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو پنهنجي نئين فلم GOAT ۽ ٻي فلم جنهن جي نالي جو اعلان ناهي ٿيو، ٻنهي فلمن جي رليز کان پوءِ مڪمل طور تي سينيما جي دنيا کي ڇڏي ڏيندو.
تامل اداڪار چيو ته هو هاڻي پنهنجو ڌيان رڳو سياسي ڪيريئر تي ڏيندو جڏهن ته سندس پارٽي ميمبر 2026ع جي چونڊن ۾ حصو وٺندا.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ سندس چوڻ هو ته سياسي مون لاءِ مقدس ڪم آهي، رڳو سياست شهرت نٿو چاهيان، چاهيان ٿو ته بهترين سياسي ليڊر بڻجان جنهن سان عوام کي فائدو ٿئي، آئون پنهنجون ٻه فلمون رليز ڪرڻ کان پوءِ سينيما ڇڏي ڏيندس ۽ اڳتي جي زندگي تام ناڊو جي ماڻهن جي خدمت ۾ گذاريندس.
واضح رهي ته اداڪاري سان گڏوگڏ وجي پنهنجن ڀلائيءَ وارن ڪمن جهڙوڪ مفت کاڌو ورهائڻ، تعليمي وظيفا ڏيڻ، لائبريريون بنائڻ، شام جي فري ٽيوشن ۽ مفت قانوني مدد جي فراهمي سبب تامل ناڊو ۾ گھڻي شهرت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.