اسلام آباد ۾ نجي يونيورسٽي جي شاگردياڻي سان اجتماعي لڄالٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ نجي يونيورسٽي جي شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي جو واقعو سامهون آيو آهي.
شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي جو واقعو اسلام آباد جي سيڪٽر اي اليون ٽو جي هڪ فليٽ ۾ پيش آيو.
پوليس متاثر شاگردياڻي جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
شاگردياڻي طرفان ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ساٿي شاگرد ظهير ۽ ان جي دوست دانيال زيادتي جو نشانو بڻايو.
شاگردياڻي موجب جوابدارن وڊيو ٺاهي ۽ دانهن ڪرڻ تي وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.
شاگردياڻي جي درخواست تي شاليمار پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.