هاءِ ڪورٽ مينهن جي ملهه مقابلن تي پابندي مڙهي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام ۾ گوهاٽي هاءِ ڪورٽ سڄي رياست ۾ مينهن جي مَلهه جي مقابلي تي پابندي مڙهي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارتي دي ايٿيڪل ٽريٽمينٽ آف اينيملز (پي اِي ٽي اي، پيٽا) پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي گوهاٽي هاءِ ڪورٽ آسام ۾ ميهنن جي ملهه جي مقابلي تي پابندي لڳائي ڇڏي.
پيٽا پاران داخل ڪيل درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته قديم رسم ادا ڪندي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
پيٽا پنهنجي درخواست ۾ چيو ته ڊنل ۽ سخت زخمي مينهن تي تشدد ڪيو ويو، انهن کي بک تي رکيو ويو ۽ نشي ڏئي کاڌي لاءِ وڙهڻ تي مجبور ڪيو ويو.
ڀارتي هاءِ ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪم ۾ آسام ۾ سڀني ضلعن جي انتظاميا کي مينهن جي ملهه جي مقابلن تي عارضي طور پابندي لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هاءِ ڪورٽ آسام حڪومت کي حڪم ڏنو ته اُها ان معاملي تي ڪيل ڪارروائي جي سلسلي ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.
ٻي پاسي بي جي پي جي حڪومت هيٺ ڀارتي رياست آسام حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ رياست ۾ مينهن جي ملهه مقابلن جي اجازت ڏيڻ لاءِ نئون معياري آپريٽنگ طريقيڪار تيار ڪيو.
واضح رهي ته ڀارتي رياست آسام ۾ بيهو تهوار جي موقعي تي مينهن جي ملهه ضروري مشق جي طور تي ڪرائي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.