عوامي آواز ڊجيٽل پاران ذلف پيرزادو جي ياد ۾ ٻوٽو لڳايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز ڊيجيٽل جي سٿ پاران ڊپارٽمينٽ هيڊ عدنان هاشمي جي اڳواڻي ۾ روزاني عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر (مرحوم) امام بخش عرف ذلف پيرزادو جي ياد ۾ هڪ ٻوٽو لڳايو ويو.

عوامي آواز جي آفيس ٻاهران ٻوٽو لڳائڻ واري تقريب ۾ روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ميڊم حميده گهانگهرو کي پڻ دعوت ڏني وئي.

”يادگار ذلف“ جي نالي سان ٻوٽو لڳائڻ بعد دعا گهري وئي.

عوامي آواز ڊجيٽيل پاران ڀائو ذلف پيرزادو جي ياد ۾ ٻوٽو لڳائڻ واري روايت قائم ڪندي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته ٻوٽا لڳائڻ ڪنهن جي ياد کي تازو رکڻ جو سٺو طريقو آهي ۽ سموري سنڌ ۾ صحافي ڀائرن ۽ ٻين پاران ڀائو ذلف پيرزادو کي جتي به ياد ڪيو وڃي ته ٻوٽو لڳائي سندس يادن کي تازو رکيو وڃي.

ان موقعي تي ميڊم حميده گهانگهرو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته عوامي آواز نيوز جي ساٿي ذلف پيرزادو جي لاڏاڻي کانپوءِ عوامي آواز پاران نئين روايت جي شروعات ڪئي وئي آهي، ڪنهن کي به ياد ڪرڻ لاءِ ٻوٽو لڳائڻ سان جيئن جيئن ٻوٽي جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي تيئن تيئن يادون تازيون ٿينديون رهنديون آهن. هن ٻوٽي سان ذلف پيرزادو جون يادون تازيون ٿينديون رهنديون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙا ٻوٽا ڪنهن جي لاڏاڻي کانسواءِ ڪنهن جي حياتي ۾ سندس ڪاميابي تي ۽ ڪارڪردگي تي به لڳائينداسين.

ان موقعي تي عوامي آواز ڊيجيٽل شعبي جا ڪارڪن شاهه رخ سنديلو، سرمد سولنگي، عديل احمد ڀٽو، علي وقاص سنديلو، منتظر کهڙو، احمد مختيار ڀٽو، طحه ڀٽو ۽ روزاني عوامي آواز سان لاڳاپيل علي گل سومرو، واحد بخش سيٺار ۽ علي نواز کوکر پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.